بي ايس فيڊر

بي. ايس فيڊر: هي سنڌو درياهه مان گڊو بئراج جي ساڄي پاسي کان نڪرندڙ هڪ واهه آهي. جنھن کي مقامي ماڻهو ”گڊو واهه“ به سڏيندا آهن. پر هن جو اصل نالو ”بيگاري سنڌ فيڊر“ آهي. هي پاڻي کڻت جي لحاظ کان سنڌ جو سڀ کان وڏو ڪئنال آهي. ساريالي جي رونبي وقت 22 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻندو آهي. هي فيڊر 78 ميل ڊگهو آهي. گڊو بئراج کان شروع ٿي، ڏکڻ اوڀر طرف درياهه جي ساڄي ڪپ وارن بچابندن جي ڀرسان وهي، تعلقي لکي غلام شاهه جي ڳوٺ ٻچانجي وٽ ختم ٿئي ٿو. جنھن تي اتر سنڌ جي پنجن ضلعن: ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر- شھدادڪوٽ ۽ سکر جي اٽڪل 10 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. هن جي کوٽائي 1953ع ۾ شروع ٿي. 1962ع ۾ پھريون دفعو اِن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو. هن فيڊر تي ڪُل 7 ڪراس ريگيوليٽر ٺھيل آهن، جن مان مختلف شاخون نڪرن ٿيون. جن جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي.
(1) هي ريگيوليٽر، ڪشمور شھر جي ڏکڻ ۾ آر. ڊي 45 يعني نائين ميل تي آهي. جتان 2 شاخون ڪي. ڪي فيڊر (ڪچا خريف فيڊر) ۽ بھادران پور نڪرن ٿيون.
(2) هي ريگيوليٽر، ڪشمور ضلعي ۾ ٽوڙي بنگلي ويجهو آر. ڊي 219 تي انڙ واهه وٽ آهي. جتان ساڄي پاسي انڙ ڪئنال ۽ تنگواڻي برانچ نڪرن ٿا. بي. ايس فيڊر مان آر. ڊي 45 ۽ آر. ڊي 219 جي وچ مان ڪجهه ننڍيون شاخون نورپور شاخ، سنڌ ڍورو شاخ، کاسي شاخ ۽ وڪڙو شاخ نڪرن ٿيون.
(3) هي ريگيوليٽر، ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعن جي دنگ تي ڳڙهي تيغو ڳوٺ ويجهو آر. ڊي 269 (54 ميل) تي چوئي بنگلي وٽ آهي. جتان بي. ايس فيڊر جو سڀ کان وڏو ”بيگاري ڪئنال“ نڪري ٿو، جيڪو بي. ايس فيڊر جو 50 کان 60 سيڪڙو پاڻي کڻي ٿو.
(4) هي ريگيوليٽر، ڪوٽ شاهو وٽ آهي، جنھن مان هڪ شاخ مرزا واهه جي نالي سان نڪري ٿي.
(5) هي ريگيوليٽر، رستم شھر کان اوڀر طرفان محمودا باغ وٽ آهي. جتان ساڄي پاسي سنڌ واهه ڪئنال ۽ لٻاڻا شاخ ۽ کاٻي پاسي سنڌ واهه نڪري ٿو. جنھن مان رستم مائنر، نون مائنر، رئيس واهه، ننڍي بيگاري، ياسين واهه، پپو واهه، مونگر واهه، تيسر ڪوٽ شاخ، جاڙو واهه، وزير آباد شاخ، امروٽ مائنر، ميرواهه ۽ ٻيا واهه ۽ شاخون نڪرن ٿيون.
(6) هي ريگيوليٽر، چڪ شھر جي ڏکڻ ۾ کاهي مھر ڳوٺ وٽ آهي، جنھن مان رجب واهه نڪري ٿو.
(7) هي آخري ريگيوليٽر، شڪارپور ضلعي جي ٻچانجي ڳوٺ وٽ آهي، جتي فيڊر ختم ٿئي ٿو. اتان ٻه شاخون ڇتي شاخ ۽ گوسڙجي شاخ نڪرن ٿيون.
بي. ايس فيڊر ۾ مئي جي آخر يا جون جي شروعات ۾ ساريالي جي پوکي لاءِ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي، جيڪو آڪٽوبر تائين هلندو آهي. ان بعد جنوري ۾ ربيع جي فصلن لاءِ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي. 2010ع ۾ ٽوڙي بند واري گهاري بي. ايس فيڊر کي گهڻو نقصان رسايو. انهي گهاري جو پاڻي 219 ريگيوليٽر وٽ بي. ايس فيڊر کي 2000 فوٽ گهارو هڻي ٻاهر نڪتو ۽ ڪيترائي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ آيو. جنھن بعد فيڊر جي بندن جي مرمت ڪرائي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو